قربان علي سڪندري ڪلهوڙو

قربان علي سڪندري، ڪلهوڙو: قربان علي سڪندري، 15 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ وڏ پڳيا ڪلهوڙي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. نهايت ذڪي ۽ ذهين هجڻ سبب مائٽن هن کي وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1961ع ڌاري جامعه راشديه درگاهه شريف پير جي ڳوٺ ۾ داخل ڪرايو، جتي هو وڏي محنت ۽ شوق سان درس نظامي پورو ڪري 1968ع ۾ دستار فضيلت ٻَڌي، سنَد حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو ۽ سڪندري عالمن ۾ شمار ٿيو. ان کانپوءِ درس ۽ تدريس جي شروعات هن کُهڙا شريف جي مدرسي ۽ مسجد مان ڪئي. گهڻي وقت کانپوءِ هن پنهنجي شهر پني عاقل ۾ هڪ مخير کان پلاٽ حاصل ڪري مسجد ۽ مدرسي جو بنياد رکيو، جتي هن تعمير سان گڏ امامت، خطابت ۽ درس تدريس جو سلسلو جاري ڪيو. هن پنهنجي لڳاتار اڻٿڪ محنتن ۽ ڪوششن سان ذاتي خرچ تي مسجد ۽ مدرسه قادريه حزب الاسلام
پني عاقل جي تعمير پايه تڪميل تي پهچائي لڳ ڀڳ ويهن سالن تائين علمي ۽ ديني خدمتون جاري رکيون.
مولوي قربان ڪلهوڙو هڪ نهايت تجربيڪار منتظم ۽ ليکڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي لکڻ پڙهڻ کي ارپي ڇڏي. هو وڏو عرصو جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان پير جو ڳوٺ جو صدر ۽ ناظم اعليٰ رهيو. جنهن جي تنظيم، ترتيب ۽ اشاعت جا سلسلا هن بهترين انداز سان هلايا. جمعيت علماءِ سڪندريه طرفان شايع ٿيندڙ مڪمل ڪتاب سندس ئي نگراني ۽ ادارت هيٺ شايع ٿي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا. ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ جي ادارت ۽ اشاعت جو سلسلو تمام گهڻو وقت هن جي ذمي رهيو، جنهن ۾ هن پنهنجي قلم ذريعي علمي جوهر ڏيکاريا. ماهوار الهديٰ، صراط ۽ مهراڻ اخبار ۾ پڻ سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا. تفسير ڪنزالايمان جي سنڌي ترجمي جي لکت، پروف ريڊنگ ۽ اشاعت ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن فقير عبدالقادر عبدي سولنگيءَ جا ڪالم ترتيب ڏيڻ ۽ ان جي اشاعت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ هن ڪافي سارا ننڍا وڏا ڪتاب ۽ مسودا ترتيب ڏنا آهن، جيڪي اشاعت جي مرحلن مان گذري رهيا آهن. هن ملفوظات جي ڇهن جلدن ۾ پکڙيل ذخيري کي نئين سر ترتيب ڏئي، ٻن جلدن ۾ شايع ڪرايو. ان کانسواءِ ’ديوان مسڪين‘ (فارسي/ سنڌي)، ’اصغر سائينءَ جو ڪلام‘، ’خزانة المعرفة‘ ۽ ’مخزنِ فيضان‘ (اردو ملفوظات شريف پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيرح) جي سوڌ سنوار ۽ اشاعت پڻ مولوي قربان علي سڪندريءَ جي محنت ۽ جفاڪشيءَ جا اهڃاڻ آهن. سڪندري قربان ڪجهه وقت مدرسه صبغة الفيض شهدادپور، سنڌ ۾ پڻ علمي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان دوران هن اتي جمعيت علماءِ سڪندريه جي پليٽفارم تان سڪندريه اورنٽيئل ڪاليج جو بنياد رکيو ۽ وڏي جاکوڙ کان پوءِ سرڪاري طرح رجسٽرڊ ڪرائي صبغة الفيض ڳوٺ سومر فقير هنگوري لڳ شهدادپور، سنڌ جي بلڊنگ ۾ ان جو دفتر قائم ڪيو. هي هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.15  عيسوي

قربان علي سڪندري، 15 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ وڏ پڳيا ڪلهوڙي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو خدا بخش
پير سعيد حسن
ٿيوڊر روز ويلٽ
پريشان خٽڪ
عشرت رحماني
دراني آغا الهڏنو
راج ڪپور
عبدالرحيم ڀرچونڊي
پير محمد زمان شاهه هاشمي
آدم ٻٽ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون